پاڪستانسنڌ

ٿرڪول انتظاميا خلاف 20 ڪلاڪ ڌرڻو، 39 ڳوٺاڻا گرفتار، هڙتال

مٺي/ اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ٿر ڪول ايريا بلاڪ ون جي انتظاميا جي زيادتين خلاف رهواسين 20 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. پوليس پ پ اڳواڻ سيد ڀورل شاهه سميت 39 مقامي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري امن ۾ خلل وجهڻ ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو، گرفتارين بعد سوين رهواسين شهر جي مختلف چوراهن تي ڌار ڌار ڌرڻا هنيا، سڄي شهر ۾ هڙتال ڪئي وئي. پوليس ۽ مڇريل ڳوٺاڻن ۾ چڪريون ٿيون. خبر موجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ٿر ڪول ايريا واري مک روڊ تي ڪول بلاڪ ون جي انتظاميا پاران مقامي ڳوٺاڻن سان ڍاڍ، گارگند ڪرڻ ۽ 35 مقامي ملازمن کان زبردستي استعيفائون وٺڻ خلاف 20 ڪلاڪن کان مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ڌرڻو لڳل رهيو، فجر محل پوليس جي وڏن اٽالن ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ پ پ پ اڳواڻ يوسي کاريو غلام شاهه جي ضلعي ڪائونسلر ڀورل شاهه، حاجي محمد مهراڻپوٽو، حسين جوڻيجو، اويس سنگراسي، سبحان لنجو، سليم ڪاڇيلو، سجاد علي، محمد حيات، يامين، الجهڙيو، عاقب، موهن ميگهواڙ، ڀيرو، ڪنڊو، سنگهار ۽ خير محمد سميت 39 ڄڻن کي ڳالهين لا ٿاڻي تي وٺي وڃي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ ايس ايڇ او جي سرڪاري فرياد تي سندن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ جو ڪيس داخل ڪيو، گرفتارين بعد اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺاڻن مڇرجي شھر جي مختلف چوراهن تي ڌرڻا هڻي ڇڏيا، رينجرس چيڪ پوسٽ ڀرسان مٺي-اسلام ڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي مڇريل ڳوٺاڻن روڊ بلاڪ ڪيو. شھر جي واپارين ڪاروبار بند ڪري شٽر بند هڙتال ڪئي، جنهن دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچم چڪرين ۽ پٿرا جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن ڪري شهر سڄو ڏينهن جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، سڄي ضلعي مان ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ نفري طلب ڪري احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر مڇريل ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪري پوليس کي ٿاڻي تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ پوليس پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي وئي. ڳوٺاڻن جي پٿرا دوران پوليس موبائيلن جا شيشا پڻ ٽٽي پيا، پوليس ٿاڻي تي احتجاج ڪندڙن جي امڪاني حملي جي خوف کان گرفتار ڳوٺاڻن کي سخت سيڪيورٽي ۾ مٺي منتقل ڪيو ۽ گرفتار ڳوٺاڻن کي مٺي جي سول اينڊ جڊيشنل مئجسٽريٽ جهانگير جمالي جي عدالت ۾ رمانڊ لا پيش ڪيو، جتي مٺي بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن اجتماعي وڪالت ناما جمع ڪرائي ڳوٺاڻن تي داخل ڪيس جي پيروي ڪئي ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته مقامي ڳوٺاڻن زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، جيڪو سندن قانوني، انساني ۽ آئيني حق هو، پر پوليس ڪول ڪمپني انتظاميا جي ونگار ۾ کين گرفتار ڪري جڙتو ڪيس داخل ڪيو آھي، ڪمپني انتظاميا ڳوٺاڻن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران کين پوليس هٿان هيسائڻ ۽ انتقام جو نشانو بنائڻ چاهي ٿي، ان ڪري جوابدارن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ بدران کين شخصي ضمانت کي آزاد ڪيو وڃي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گرفتار سمورن 39 ڳوٺاڻن کي 10-10 هزار رپين جي شخصي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد کين آزاد ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button