پاڪستانسنڌ

نبي سرروڊ ۾ استادن جو ايس ايڇ او خلاف مظاهرو

نبي سرروڊ: نبي سرروڊ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف استادن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن مفتي حسن رضا چانڊيو، استاد نثار احمد، جي سي ٽي اسڪول جي هيڊماستر شرافت علي چانڊيو، استاد مدد علي، استاد راهب علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نبي سر پوليس سفيد پوش ۽ عزتدار ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايڇ او اشوڪ ميگهواڙ استادن ۽ عالمن توڙي عام شهرين کي هر طريقي سان تنگ ڪري حراسان ڪري رهيو آهي، جي سي ٽي اسڪول جو هيڊماستر شرافت علي چانڊيو ۽ مفتي حسن رضا چانڊيو شهر کان ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ايس ايڇ او ٻنهي استادن کي ٿرڪول ڊئم وٽ روڪيو ۽ استادن سان اڍنگو رويو رکيو ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ سميت ڌمڪيون ڏنيون. هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او نبي سر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button