اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف يوم تڪريم شهدا پاڪستان ۾ ڀرپور شرڪت تي قوم جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته اسان گڏجي هڪ ريڊ لائين مقرر ڪئي آهي ته 9 مئي جهڙا واقعا ناقابل برداشت آهن. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو ڏينهن پوري قوم طرفان اسان جي شهيدن ۽ غازين لاءِ ٿوري جي اظهار جون تقريبون هيون. وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي هڪ ريڊ لائين طئي ڪئي آهي ته 9 مئي جهڙو رويو برداشت جوڳو ناهي. وزيراعظم چيو ته زنده قومون پنهنجي محسنن ۽ هيروز جي عزت ۽ وقار کي برقرار رکنديون آهن جن پنهنجي زندگي جي سڀني کان وڏي قرباني پيش ڪئي ته جيئن ملڪ جو عوام امن سان رهي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close