ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو باهھ لڳڻ سبب 6 پورهيتن جا گهر سڙي ويا. ڳوٺ چارنور ۾ سميجا پاڙي ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب 6 پورهيتن جان محمد سميجو، اقبال سميجو، رحم الدين، راڻو ۽ آچار سميجو سميت 6 ڄڻن جا ڪکاوان اجھا مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل سمورو سامان هنڌ بسترا، ڪپڙا، زيور، ضروري ڪاغذ رک ٿي ويا. ڳوٺاڻن جي بار بار اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ گاڏي نه پهچي سگهيون، باھه متاثرن چيو ته لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڪجهه به نه بچيو آهي، آس پاس جي ڳوٺن جي ماڻهن پهچي باهه وسائي، هاڻ کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون، ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي واهر ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close