ٽنڊوالھيار: جهنڊومري جي هيڊڪوارٽر پيارولنڊ ۾ حديڪي شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف زبردست نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ ٽنڊوالهيار کان جهنڊو مري ويندڙ روڊ مڪمل طور بند ڪيو ويو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. پيارولنڊ ۾ لڳل ڌرڻي ۾ حديڪي شاخ جي پڇڙي جي آباگارن وٽ آبپاشي عملدار نه پهتا. ان موقعي تي آبادگارن بادل خان جروار، روشن لنڊ، سونو خان جروار ۽ ٻين چيو ته حديڪي شاخ جو سرويئر حبيب الله وگهيو ۽ داروغو نور محمد ڀيو منڍ جي آبادگارن کي ڏوڪڙن عيوض پاڻي وڪرو ڪري رھيا آھن، جنهن سبب اسان جون زمينون بنجر ٿي رهيون آهن، اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ ڪرپٽ عملدارن خلاف شفاف جاچ ڪري اسان ٽيل جي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملو منڊ جي آبادگارن کي چند ڏوڪڙن عيوض پاڻي وڪرو ڪري اسان جا فصل سڪائي ظلم ڪري رهيو آهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس ورتو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close