اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس سميت ٽن ججن تي حڪومتي اعتراضن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي منع نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڪميشن خلاف بئنچ تبديلي جي حڪومتي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ آڊيو ليڪس خلاف داخل درخواستن تي شنوائي ڪئي. اٽارني جنرل منصور عثمان حڪومت طرفان بئنچ تي اٿاريل اعتراض پڙهي ٻڌايا. چيف جسٽس چيو توهان هڪ شئي مس ڪري رهيا آهيو، چيف جسٽس پاڪستان هڪ آئيني عهدو آهي، مفروضي جي بنياد تي چيف جسٽس جي چارج ڪو ٻيو استعمال نٿو ڪري سگهي. چيف جسٽس موجود آهي، کيس فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪنهن جج کي الڳ ڪرڻو آهي يا نه. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ چيف جسٽس موجود هو، جنهن کي ڪميشن جوڙڻ بابت آگاهه نه ڪيو ويو. چيف جسٽس جي علم ۾ نه هو ۽ ڪميشن جوڙي وئي، ڇا توهان ان پوائنٽ تي وڃي رهيا آهيو ته اسان مان 3 جج تڪراري آهن، جيڪڏهن ها ته توهان ڪهڙي بنياد تي فرض ڪري ورتو ته اسان مان ٽن جو تڪرار آهي، ٻيو اهم ايشو عدليا جي آزادي جو آهي. اٽارني جنرل هڪ وڪيل جي گهرواري ۽ چيف جسٽس جي سَس جي مبينا آڊيو جو حوالو ڏنو، جسٽس منيب اختر پڇيو ته وفاق جو ڪهڙو موقف آهي ته مبينا آڊيوز مڪمل طور تي ٺيڪ آهن، وفاق کي اهو علم ناهي ته مبينا آڊيوز تصديقي، سچيون آهن يا نه؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته تنهن ڪري ڪميشن جوڙي وئي، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته هڪ آڊيو تي گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، ڇا اهڙي آڊيو، جنهن جي تصديق نه هجي، ان جي بنياد تي بئنچ تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو؟ اهو شخص، جنهن کي آڊيوز جي تصديق جو علم ناهي، ان جي بئنچ تي اعتراض کي تسليم نٿو ڪري سگهجي. بنا تصديق جي آڊيوز تي پريس ڪانفرنس ڪندڙ ڪابينا جي وزير کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اعتراض اهو پيو اٿاريو وڃي ته مون کي ته خبر ناهي پر جج صاحب بئنچ کان ڌار ٿي وڃي. چيف جسٽس پڇيو ته جنهن ٽوئيٽر اڪائونٽ تان آڊيو پکيڙي وئي، ان خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ اٽارني جنرل چيو خاطري ٿو ڪرايان ته حڪومت ڪميشن ذريعي ان معاملي کي ڏسندي، واٽس ايپ ذريعي ڪالز ڪيون ويون، حڪومت سڀني عملن جو جائزو وٺندي، حڪومت جو به اهو ئي موقف آهي ته اهي مبينا آڊيوز آهن، وفاقي حڪومت جو ڪيس تعصب جو نه پر مفاد جي ٽڪراءَ جو آهي، اسان جي ڪا بدنيتي ناهي. اٽارني جنرل دليلن ۾ ارسلان افتخار ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر عابد زبير جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳ ۾ اهو پتو لڳائڻ گهرجي ته آڊيوز درست آهن يا نه، جيڪڏهن اهڙو مثال بڻجي ويو ته پوءِ بليڪ ميلنگ ٿيندي رهندي. سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم کان روڪڻ جي منع نامي ۾ واڌ ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي، گڏوگڏ عدالت عظميٰ وفاقي حڪومت جي بئنچ تي اعتراض بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.واضح رهي ته وفاقي حڪومت چيف جسٽس سميت ٽن ججن تي اعتراض ڪندي بئنچ کان ڌار ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button