اسلام آبادپاڪستان

رياست خلاف سنگين قدمن جي رٿابندي جا پڪا ثبوت موجود آهن:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته گذريل حڪومت آئي ايم ايف پروگرام جي ڀڃڪڙي ڪئي. اميد آهي ته آئي ايم ايف سان معاملا بهتر نموني سان طئي ٿي ويندا. رجب طيب ارگان جي عهدو سنڀالڻ سان ٻنهي ملڪن جو عوام اڃا وڌيڪ ويجهو ايندو. پاڪ ترڪيه گڏيل واپار گهاٽن ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪس هجڻ گهرجي. ترڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شهبازشريف چيو ته پاڪستان ترڪيا جي قربت تي ٻڌل لاڳاپا اعتماد جي رشتن تي قائم آهن. منهنجي وزيراعظم طور عهدو سنڀاليندي ئي ڪيترائي اهم چئلينجز سامهون رهيا. گڏيل حڪومت جي ناقص پاليسن سان ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ جي ويجهو هو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان جا ماڻهو بهادر آهن، ماضي ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏئي چڪا آهن. اسان پنهنجن پيرن تي بيهنداسين، مون کي ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي. هن چيو ته آئي ايم ايف سان معاهدي جون گهرجون ۽ شرط بهتر نموني سان پورا ڪيا، ملڪ کي ايف ٽي ايف جي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. عالمي مالياتي فنڊ جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا هاڻي ٺوس اڳڀرائي جو امڪان آهي. وزيراعظم چيو ته رياست خلاف سنگين قدمن جي رٿابندي جا ٺوس ثبوت موجود آهن. شرپسندن کي سزا ڏني ويندي، 9 مئي تي وڳوڙي جٿن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو. هن چيو ته قومي وقار کي مجروح ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي. پي ٽي آئي چيئرمين جي خلاف سنگين ڪرپشن جا الزام آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button