اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو،هاڻ بُت رهجي ويو آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ شعر “دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سيني ڪي داغ سي…. اس گهر ڪو آگ لگ گئي گهر ڪي چراغ سي” جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button