پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي واپارين کي بنگلاديش جي آسان ويزا ڏياري ويندي:ڊپٽي هاءِ ڪمشنر محبوب العالم

بنگلاديش جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ايس ايم محبوب العالم چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ هتي واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ آيو آهيان. حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي دوري دوران واپارين ۽ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 20 کان وڌيڪ واپاري، ثقافتي، سماجي، هوائي ۽ ٻيا معاهدا ٿيا آهن. بنگلاديش ۾ تعليم جي شرح 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ڇو ته شاگردن کي مفت اسڪالرشپ ۽ سهولتون مليل آهن. چيمبر جي صدر فاروق شيخاڻي پاران واپارين لاءِ ويزا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي درخواست تي جواب ڏيندي هن چيو ته مان ذاتي طور تي بنگلاديش جي پرڏيهي وزارت کي خط لکندس ۽ حيدرآباد جي واپاري برادري کي ويزا جاري ڪرڻ لاءِ جلد ويزا جاري ڪيا ويندا، جيترو ٿي سگھيو اهو ڪم ڪنداسين ته جيئن حيدرآباد جي واپاري برادري بنگلاديش ۾ نمائشن ۾ شرڪت ڪري سگهي. هن حيدرآباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي وفد کي ڪراچي ۾ بنگلاديشي هاءِ ڪميشن جي دوري جي دعوت ڏيندي چيو ته بنگلاديش عالمي مارڪيٽ آهي جنهن مان پاڪستان جا واپاري ڀرپور فائدو وٺي سگهن ٿا، بنگلاديش جي سالياني ايڪسپورٽ 50 بلين ڊالر آهي جيڪا 2030ع تائين وڌي 100 بلين ڊالر ٿي ويندي جنهن جو وڏو سبب اتي تيار ٿيندڙ ڪپڙو آهي، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام ۾ تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪڏهن ٻئي ملڪ معاشي ترقي ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ته ايشيائي مارڪيٽ ۾ بهترين پوزيشن حاصل ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ چيمبر جي صدر محمد فاروق شيخاڻي آجياڻي واري خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش مختلف مصنوعات پنهنجي پنهنجي مارڪيٽن ۾ متعارف ڪرائي معيشت کي بهترين طريقي سان سپورٽ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته بنگالي صنعت دنيا ۾ پنهنجو مقام رکي ٿي. هن صنعت جي پيداوار کي بنگلاديش جي مارڪيٽن تائين رسائي ڏني وڃي، ان کان علاوه پاڪستان دنيا ۾ چانورن جي ايڪسپورٽ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو، ان کي بنگلاديش جي مارڪيٽن ۾ به جڳهه ڏني وڃي، ٻنهي ملڪن ۾ واپاري ۽ سياسي وفدن جي مٽاسٽا ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button