پاڪستانسنڌ

سياست ڪرڻ هر شخص جو اختيار آھي، اسان صحتمند مقابلي جا قائل آھيون:شرجيل انعام ميمڻ

اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جھانگير ترين يا وري ڪنھن ٻئي جي پارٽي ھُجي، ھر شخص کي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ جو اختيار آھي، اسان صحتمند مقابلي جا قائل آھيون، پيپلز پارٽي ڪڏھن به بيڪ ڊور جو سھارو ناھي ورتو، سدائين عوام جي خدمت ڪري مقابلو ڪيو آھي، پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو عراق جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سٺو پيغام آيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت پيپلزپارٽي جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اُنھن شين تي ڌيان ڏئي رھيا آھن جيڪي پاڪستان جا بنيادي مسئلا آھن. ھن چيو تھ لکن جي تعداد ۾ پاڪستاني زائرين ڪربلا ۽ نجف ويندا آھن، اُتي کين ڪيترن ئي مسئلن جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، سندن مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا آھن، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ليڊر جي ذميواري ھوندي آھي، ماڻھو پنھنجن چونڊن نمائندن کي اسيمبلين ۾ ان لاءِ پھچائيندا آھن تھ جيئن اُھي سندن مسئلا حل ڪن، اُن لاءِ کين اسيمبلين ۾ ناھن موڪليندا جو اُھي ماڻھن کي غلط طرز جي سياست ۽ بدتميزي سيکارين. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ گذريل ڪيترن ئي ورھين ۾ جيڪي شيون نھ ٿي سگھيون آھن، اُھي بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيھي وزير طور ممڪن بڻايون، پاڪستاني زائرين جي مطالبن تي عمل ڪندي نجف ۾ پاڪستاني قونصليٽ شروع ڪيو پيو وڃي، اھا ھن ملڪ جي ماڻھن، خاص طور تي زائرين لاءِ، تمام وڏي خوشخبري آھي، اُتي جيڪڏھن پاڪستانين کي ڪابھ ڏکيائي پيش ايندي تھ سندن سھولت ۽ سھائتا لاءِ پاڪستاني قونصل جنرل ۽ سفارتي عملو موجود ھوندو. ھن چيو تھ ڪربلا ۾ بھ پاڪستاني زائرين جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، تھ جيئن اُتي زائرين کي جن ڏکيائين جو منھن ڏسڻو پوي ٿو اُنھن کي حل ڪيو وڃي، ھي قدم رڳو ڳالھين تائين محدود ناھن، عراقي حڪومت ان سلسلي ۾ پنھنجي اسيمبلي مان بل بھ پاس ڪرايو آھي. ھن چيو تھ ماضي ۾ بھ ماڻھو پرڏيھي وزير رھيا آھن، پر ڇا سندن اکيون ٻُوٽيل ھُيون، ڇا اُھي نھ پيا ڏسن تھ ملڪي عوام ڪھڙن مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي، مختلف ملڪن ۾ پاڪستاني برادري جا اھنج ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي جيڪا ذميواري پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري نڀائي رھيو آھي. سي پيڪ جو تصور اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏنو، جڏھن ھُو آمريڪا ويو ھو تڏھن ھُن چيو ھو تھ اسان کي ايڊ نھ پر ٽريڊ کپي، ميثاق معيشت جي ڳالھھ پيپلز پارٽي جي قيادت ڪري رھي آھي، تھ جيئن ڪاروبار ۽ ملڪي عوام لاءِ روزگار خاطر ملڪي معيشت کي ھر حال ۾ اڳتي وڌايو وڃي، اھوئي ملڪ جو بنيادي مسئلو آھي، ھي مسئلا حل ٿيندا تھ ملڪ ترقي ڪندو، جن ماڻھن ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ کي مھانگائي جي ور چاڙھي ڇڏيو، آئون پوري ميڊيا جي سامھون سمورين سياسي پارٽين کي کليل نموني چيلنج ڪريان ٿو تھ جڏھن 2013 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھُئي ۽ آصف علي زرداري صدر ھو، تڏھن ڊالر، پيٽرول، بجلي، گيس، عام واھپي جي شين جون قيمتون ڇا ھُيون ۽ جڏھن 2022 ۾ عمران خان جي حڪومت ھُئي تڏھن سندس حڪومت ملڪي معيشت کي ڪٿي آڻي بيھاريو؟ ھڪ شخص اچي ملڪ جي معيشت تباھھ ڪري ڇڏي، ھُن پوري ڪوشش ڪئي تھ ملڪ ڪنھن شئي جي قابل نھ رھي، ڇاڪاڻ تھ سندس پاليسيون غلط ھُيون ۽ کيس سياسي عقل نھ ھو، ساڍا ٽي سال اقتدار تي زوري ويھاريل شخص پوري قوم، خاص طور تي نوجوانن، کي غلط دڳ سان لايو، ملڪي معيشت کي تباھھ ڪرڻ ڪو ننڍو ڏوھھ نھ پر ھڪ سنگين ڏوھھ آھي ۽ ملڪي معيشت کي ھڪ اھڙي شخص تباھھ ڪيو، جنھن آءِ ايم ايف سان جيڪي واعدا ڪيا اُھي پورا نھ ڪيا، ھي ليڊرشپ جو فرق آھي، اسان چئون ٿا تھ ملڪ ۾ اُھا ليڊرشپ ھُجي، جيڪا عوام جي بنيادي مسئلن جي حل جي ڳالھھ ڪري، سنڌ سرڪار جي اھا خواھش رھي آھي تھ عوام کي وڌ کان وڌ رليف پھچائي، اسان کي ووٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ملندا آھن، جيڪا بھ عوامي سياسي پارٽي ھوندي آھي اھا ملڪ جو اصل اثاثو ھوندي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو تھ جيڪو شخص وڳوڙن ۾ ملوث آھي، اُن کي قانوني طريقيڪار مان گذرڻو پوندو، ايئن نھ ٿو ٿي سگھي تھ ڪنھن کي بخش ڪيو وڃي. هن چيو تھ جيڪڏھن اپوزيشن ليڊر پاڻ ڊڄي رھيو آھي تھ اسيمبلي ڪيئن وڃي تھ اسيمبلي جا دروازا سندس لاءِ کُليل آھن، ھُو اسيمبلي اچي، اسيمبلي ۾ کيس ڪجھھ بھ نھ چيو ويندو، اسيمبلي کان ٻاھر مٿس ڪو قانوني ڪيس آھي تھ اُن کي منھن ڏيڻو پوندو. مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو آھي، پ پ پنھنجا نمبر پورا ڪندي، ميئر پيپلز پارٽي جا ئي ھوندا، باقي پارٽين وٽ اڪثريت ناھي اُن لاءِ اھي الزام لڳائي رھيون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button