ڪراچي: متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي گهرن ۾ نٿو اچي ۽ گٽرن جو پاڻي گهرن مان نه ٿو وڃي، اڄ به بدنظر ماڻهن جون نظرون اسان جي 7 سيٽن تي آهن. ڪالهه اورنگي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي تحت عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال، وفاقي وزير امين الحق ۽ ٻين خطاب ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن شهر مان اربين رپيا ڪمائڻ باوجود پيپلز پارٽي شهر کي پاڻي جو هڪ ڦڙو به ناهي ڏنو. ان کان علاوه امين الحق پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ جا ڪوڙا واعدا ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close