قاضي احمد: قاضي احمد پوليس نينگري سوهانا شرما کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي کڻي آئي، جنهن کان پو سندس وارث به ٿاڻي تي پهچي ويا، جتي سوهانا شرما پنهنجي والدين کي ڀاڪر ڀري لڙڪ لاڙي ويٺي. جڏهن ته پوليس بازياب ڪرايل نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن کان پو عدالت سيف هائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت نينگري جي عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ نادرا مان تصديق ڪرائڻ ۽ 12 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کان پو پوليس نينگري کي سيف منتقل ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته سوهانا شرما جو گذريل ڏينهن وڊيو بيان سامهون آيو هو. وڊيو بيان ۾ سوهانا جو چوڻ هو ته هن مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪيو آهي. ٻئي طرف والدين جو چوڻ آهي ته اغوا ڪرڻ بعد کانئس زبردستي وڊيو بيان ريڪارڊ ڪرايو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close