اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان فون تي هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن زباني خاطري ڪرائي آهي. ڪا اهڙي شئي باقي ناهي، جيڪا آءِ ايم ايف معاهدي ۾ رنڊڪ بڻجي. ڪالهه ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته سڀ کان ڏکيو مرحلو آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ هو، جيئن گذريل حڪومت ان معاهدي کي ختم ڪري ڇڏيو هو. ان کانپو ٻوڏ معيشت کي وڏو نقصان پهچايو، 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. اسان ٻيهر آءِ ايم ايف سان گڏ ويٺا آهيون، انهن جي شرطن کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل طور عملدرآمد به ڪيو آهي پر اڃا تائين اسٽاف ليول معاهدي تي صحيحون ناهن ٿي سگهيون. هن چيو اميد آهي ته هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جو نائون ريويو مڪمل ٿيندو، آءِ ايم ايف ايم ڊي سان هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي گفتگو ٿي آهي، ڪا شئي باقي ناهي جيڪا معاهدي ۾ رنڊڪ بڻجي. سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو تي مهانگائيءَ جو وڏو بار پيو آهي، هر جاءِ تي مهانگائي آهي. ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو ته ترقي نٿي ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري واڌ ڪيون جو ماڻهو بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن. شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ هاڻ چئلينج آهي ته مهانگائي غريب ماڻهو تي وڏو بار وجهي ڇڏيو آهي، اسان جي معيشت سست رفتاري جو شڪار آهي، درآمدات تي ڪنٽرول پاليسي سبب معاشي سرگرميون گهٽجي ويون آهن، سڀني چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي. وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهو پوئتي هليو ويو آهي، ڏکين حالتن باوجود انهن جي پگهار ۾ ايتري واڌ نه ڪئي وئي، ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اسان جي وڏي ذميواري آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي پگهار ۾ واڌ ڪريون ته جيئن هو پنهنجو خيال رکي سگهن. ٻار ۽ پنهنجون بنيادي ذميواريون پوريون ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close