اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 5 اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جو گيم چينجر ثابت ٿيندو. ايڪسپورٽس، اِي پاڪستان، واٽر ايند فوڊ سيڪيورٽي، انوائرمينٽ، انرجي ۽ ايڪويٽي ٽرن آئوٽ رائون پاڪستان جا ٿنڀ آهن. هن فريم ورڪ جي ذريعي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ نئين ڪاروبار، روزگار جي حوصلا افزائي ٿيندي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته تعليم، صحت کي هٿي ڏيڻ ۽ آبادي تي ڪنٽرول سان پاڪستان جي ترقي جو رستو سڌو ٿيندو. هن چيو ته سستي ۽ بنا تعطل توانائي جي فراهمي سان معيشت ۽ ڪاروبار ۾ نئين تيزي ايندي. پاڻي ذخيرن ۽ غذائي تحفظ جي ذريعي ماحول بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته اي پاڪستان ذريعي نوجوانن کي ترقي جا موقعا ڏينداسين کين خودمختيار بڻائينداسين. هن چيو ته جي ڊي پي جي لحاظ کان فسڪل خساري جو 4 ڏهائي 9 سيڪڙو کان گهٽجي 4 ڏهائي 6 سيڪڙو تي اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. هي حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي جو هاڪاري نتيجو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو لاٿ صحيح معاشي پاليسي جي علامت آهي. واپاري خساري ۾ 40 ڏهائي 4 سيڪڙو لاٿ معاشي قدمن کي صحيح ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته واپاري خسارو 25 ڏهائي 8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي جيڪو 43 ڏهائي 4 ارب ڊالر هو، هي بهتر ٿي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close