سرهاڙي: سرهاڙي ويجهو روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ کڏهر شاخ تي بااثرن پاران غيرقانوني نوليون ۽ پائيپ لڳائڻ سبب پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچي سگهيو، جنهن سبب آبادگارن جا فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويا آهن، آبپاشي عملدارن پاران بااثرن کان مبينا خرچي وٺڻ سبب پڇڙي جا آبادگار پاڻي لا سخت پريشان آهن. متاثر آبادگارن جعفر جمالي، سڪندر ڀنگوار، مرتضى جمالي، عامر زرداري، عبدالحفيظ جمالي، مولابخش مگسي ۽ ٻين چيو ته کڏهر شاخ تي هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب اسان جا فصل مڪمل طور تباهه ٿي رهيا آهن. ايس ڊي او آبپاشي، بيلدار ۽ داروغي پئسن عيوض بااثرن کي نوليون ۽ پائيپ لڳائڻ جي اجازت ڏئي اسان سان ظلم ڪيو آهي، نولين ۽ پائيپن سبب اسان تائين پاڻي نٿو پهچي. شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي. هنن ڊي سي نوابشاھه ۽ آبپاشي کاتي جي اعلى عملدارن کان مطالبو ڪيو ته کڏهر شاخ تي آپريشن ڪري غيرقانوني لڳل نوليون ۽ پائيپ ڪڍرائي پڇڙي تائين پاڻي ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close