شهدادپور: شھدادپور جي مختلف سياسي سماجي ڪاروباري ۽ مذھبي جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن موجوده حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي پاڪستان جي مظلوم نياڻي ڊاڪٽر عافيا صديقي جي باعزت آزادي لا پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ تاريخ کين ڪڏھن معاف نه ڪندي. اھڙو اظھار ڊاڪٽر عافيا صديقي کي 20 سال کان وڌيڪ عرصو آمريڪي جيل ۾ ٿي وڃڻ ۽ ڪنهن به حڪومت طرفان نياڻي جي آزادي لا آمريڪا اڳيان احتجاج نه ڪرڻ خلاف احتجاج طور شھدادپور ۾ ريلي راڻا عبدالستار جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي راڻا عبدالستار، پير سليم ارشاد بخاري ۽ ٻين چيو ته ھڪ اسلامي ملڪ ھوندي ھتان جي حڪمرانن ملڪ جي نياڻي جو سودو ڪري کيس آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو. ھنن مطالبو ڪيو ته موجوده حڪمران آمريڪا تي زور وجهي مظلوم نياڻي کي آزاد ڪرائين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close