نبي سرروڊ: نبي سرروڊ ويجهو 4 ڏينهن اڳ بااثر زميندار جي گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي ويندڙ پورهيت امداد حسين رند سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن جي ڄنگهه ڀڃي پئي هئي، جنهن کي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪو تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. پورهيت امداد حسين رند، سندس گهرواري ۽ ما سميت ڳوٺاڻن دلاور حسين رند، سومر رند، نظر حسين ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته پورهيت مزدوري ڪري گهر جو گاڏو هلائيندو هو، جيڪو گذريل 4 ڏينهن کان ڄنگهه ڀڃي پوڻ سبب بستر تي پيل آهي، ان ڪري سندس گهر ۾ فاقاڪشي آهي، سندس معصوم ٻار بک تي آهن، بااثر زميندار گاڏي جي ٽڪر بعد راڄوڻي طور علاج ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي، پر هاڻ ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. پورهيت جي گهر ۾ 10 ڀاتي آهي، جيڪي سڀ مصيبت ۾ آهن. هنن چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پورهيت جو علاج ڪرائي مالي مدد ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close