پاڪستانسنڌ

بنگلاديشي ڊپٽي ها ڪمشنر ميرپورخاص پهتو، ملاقاتون

ميرپورخاص: بنگلاديش جو ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر محبوب العالم ميرپورخاص پھتو، جتي ھن سرڪٽ ھائوس ۽ پريس ڪلب ۾ ضلعي جي عملدارن، آبادگارن، واپارين ۽ صحافين سان ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ۽ آبادگارن کيس ميرپورخاص جي انبن ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ٻين زرعي جنسن جي حوالي سان آگاھي ڏني ۽ کيس ٻڌايو تھ پاڪستان جو انب سڄي دنيا ۾ ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، پر بنگلاديش ۾ ان تي پابندي آھي. ان موقعي تي ڳالھائيندي ڊپٽي ھاءِ ڪمشنر محبوب العالم چيو تھ ھو پھريون دفعو پاڪستان جي دوري تي آيو آھي، کيس پاڪستاني انبن جي ايڪسپورٽ تي پابندي جي خبر ناھي، ھو ان ڏس ۾ بنگلاديشي حڪومت کي آگاھي ڏيندو ۽ اسان نٿا چاھيون تھ بنگلاديش جا ماڻھو ھتان جي انبن جي ٽيسٽ کان محروم رھن. خود بنگلاديش بھ انبن جي ايڪسپورٽ جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي آھي. محبوب عالم چيو تھ بنگلاديش جي ڊي پي جي حوالي سان دنيا جو ستون نمبر وڏو ملڪ ۽ پاڪستان ۽ بنگلاديش پاڻ ۾ ٻھ ڀائر ملڪ آھيون. ھن چيو تھ بنگلاديش تيزي سان ترقي ڪندڙ پنجين وڏي معيشت آھي. اسان ملڪي معيشت کي سگھارو ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ مقرر ڪيا ھئا، جيڪي حاصل ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ 2031ع تائين بنگلاديش دنيا جو ترقي يافتا ملڪ ھوندو. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر نذير پنھور ۽ ٻين ھاءِ ڪمشنر کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button