اسلام آبادپاڪستان

بحران مان نڪري ويا آهيون،ڊفالٽ نه ٿينداسين،جي ڊي پي هدف حاصل ٿي ويندو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد: ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ساڍا ٽي سيڪڙو جي ڊي پي جو هدف آساني سان حاصل ٿي ويندو. بحران مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون ۽ استحڪام اچي ويو آهي. ڪالهه اسحاق ڊار اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ ساڍا 3 سيڪڙو جي ڊي پي جو هدف آساني سان حاصل ٿي ويندو، آءِ ايم ايف به چيو آهي ته پاڪستان جي جي ڊي پي ساڍا 3 سيڪڙو رهندي. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۽ قرضن ۽ وياج جي ادائيگي لاءِ سڀ کان وڌيڪ رقم رکي وئي آهي، الله ڪري اسان قرضن ۽ ان ۾ وياج جي ادائيگين تي گهٽتائي آڻي سگهون. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي سيڪٽر ۾ وڏي صلاحيت آهي، تمام جلد آءِ ٽي جي حوالي سان اسپيشل زون قائم ڪرڻ تي ڪم ٿيندو، هڪ هزار ارب رپيا ساليانو پاور سيڪٽر تي سبسڊي نٿا ڏئي سگهون ۽ نه ڏيڻ گهرجي، ان شعبي کي ڏسي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته بهتري ٿئي، چونڊن کانپوءِ جيڪا به حڪومت ايندي، اها جيڪڏهن ان تي ڪجهه ڪري سگهي ته ڏسي سگهي ٿي. اسحاق ڊار زور ڏنو ته ملڪ ۾ زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو، ان شعبي ۾ صلاحيت آهي، بجيٽ ۾ زرعي ٻجن تي ڊيوٽي، ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني آهي. هن چيو ته ايئرپورٽ آئوٽ سروس ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، 12 ڪمپنيون ان عمل ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿيون. اميد آهي ته جولاءِ ۾ هڪ ايئرپورٽ کي آئوٽ سروس ڪرڻ لاءِ بڊز گهريون وينديون. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽروليم اسڪيم 800 سي سي تائين وارين گاڏين لاءِ هئي ڇر اسان ڇو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام جي پراسيس ۾ آهيون، تنهن ڪري اها ڪنهن جاءِ تي هضم نه پئي ٿئي، جنهن سبب دير جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته جن ادارن ۾ گهٽ کان گهٽ اجرت نه ڏيڻ جي شڪايت هوندي، حڪومت ان تي حرڪت ۾ ايندي، گهٽ کان گهٽ اجرت جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ سول سوسائٽي کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پلان بي تي پبلڪ ۾ ڳالهه نٿي ٿي سگهي، پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو. نئين مالي سال ۾ 2963 ارب رپين جو نان ٽيڪس روينيو گڏ ڪيو ويندو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پي ايس ڊي پي لاءِ 1150 ارب رپين جي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي. اسحاق ڊار چيو ته افواهون آهن ته ڪوڪنگ آئل تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي پر مان واضح ڪريان ته اهو ختم ناهي ڪيو ويو. جيڪو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي ته اسان صنعتن کي چيو آهي ته ان جو فائدو عوام تائين پهچايو وڃي پر اسان ختم نه ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو، جيڪي ڊفالٽ ڊفالٽ جي رٽ لڳائي ويٺا آهن، اهي پاڻ ذميوار آهن، مان اهو چوڻ نه ٿو چاهيان پر بنيادي طور تي هن نظام ۾ غلطيون ڪيون آهن ۽ اهڙيون وڏيون غلطيون ڪيون ويون آهن. جنهن سان اسان هتي بيٺا آهيون. هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سڌو سنئون فائدو صارفين کي پهچي رهيو آهي، پر ڪراين ۾ گهٽتائي سميت ٻيا فائدا عوام تائين نه پهچايا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button