اسلام آبادپاڪستان

فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد :سول سوسائٽي آرٽيڪل 184 (3) تحت فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، قانون ۽ انصاف واري وزارت، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، پنجاب حڪومت، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواست عوامي مفاد ۾ داخل ڪئي وئي آهي، آرمي ايڪٽ 1952ع تحت سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت سولين جو ٽرائل انتهائي عوامي اهميت جوڳو آهي ڇو ته فوجي ٽرائل يا سولين جو ڪورٽ مارشل آئين جي ڀڃڪڙي آهي. درخواستگذارن جو موقف آهي ته ڪورٽ مارشل يا فوجي عدالت سولين کي تمام محدود موقعن تي ۽ صرف آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۾ بيان ڪيل ڏوهن جي لاءِ ٽرائل ڪري سگهي ٿي. درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته آرٽيڪل 245 تي عملدرآمد جو سڌو سنئون اثر آئين جي آرٽيڪل 10، 14، 15 ۽ 19 تي آهي، سمورن گرفتار جوابدارن کي شفاف ٽرائل جو حق ڏنو وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سولين جي ٽرائل ڪرڻ واري عمل کي غير آئيني قرار ڏئي، فوجي عدالتن ۾ سولين جي ٽرائل بابت گائيڊ لائين تيار ٿيڻ تائين ٽرائل بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواستگذارن استدعا ڪئي ته فوجي عدالتن ۾ انصاف جي فراهمي ۽ آزاد عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ قانون سازي ٿيڻ تائين فوجي عدالتن ۾ ڪارروائي کي روڪيو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فيئر ٽرائل جي اصول تحت فوجي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن کي فوجداري عدالتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جا ٽرائل هميشه لاءِ بند ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button