اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ معيشت جون بيماريون ٺيڪ ڪرڻ جي شروعات جي نمائندگي ڪري رهي آهي. وفاقي بجيٽ تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ بابت رليف، بحالي جي چئلينجن سميت عالمي سپلاءِ چين ۾ رنڊڪ ۽ جيو اسٽريٽيجڪ تبديلين سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن سبب ايندڙ بجٽ ٺاهڻ خاص طور تي ڏکيو ڪم هو. هن چيو ته بجيٽ معيشت جون بيماريون ٺيڪ ڪرڻ جي شروعات جي نمائندگي ڪري رهي آهي، جڏهن ته عمران نيازي جي پيدا ڪيل سياسي عدم استحڪام معيشت کي نقصان پهچايو. سندس چوڻ هو ته گڏيل حڪومت انهن صحيح شعبن کي ترجيح ڏني آهي، جيڪي اقتصادي ترقي تيز ڪري سگهن ٿا، مهانگائي کي ڏسندي سرڪاري ملازمن، پينشنرز جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو ۽ 17 ساڍا سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن نئين ٽيڪس جي وڌيڪ متوازن بجيٽ موجوده رنڊڪن اندر ممڪن نه هئي، معيشت کي سڌارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي مستحڪم سياسي ماحول ۾ ڪري سگهجن ٿا ۽ ميثاق معيشت سياسي جماعتن لاءِ عوام جي خوشحالي حاصل ڪرڻ جو واحد رستو نظر اچي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close