اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين کي فوج جي حمايت نه ملڻ سان مسئلو آهي:بلاول

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي فوج جي حمايت حاصل نه هجڻ سان مسئلو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڪستان ۾ سدائين ڊڪٽيٽر کي سپورٽ ڪيو آهي، ان ڳالهه جون مڪمل ثابتيون موجود آهن ته 2018 ۾ ڌانڌلي ذريعي تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي، جنهن ۾ فوج جا ڪجهه اڳوڻا آفيسر ملوث هئا. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي فوج سان مسئلو گذريل اپريل ۾ شروع ٿيو، جڏهن فوج سياست ۾ حصو نه وٺڻ ۽ ڪنهن به پارٽي جي حمايت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جو مسئلو اهو آهي ته فوج سندس حمايت نه پئي ڪري. سندس چوڻ هو ته پاڪستانين جي اڪثريت 9 مئي واقعن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي حامين کي فوجي ملڪيتن تي حملي لاءِ اڪسايو، پاڪستاني عوام جي اڪثريت چاهي ٿي ته فوج اڻ ڌري رهي ۽ سياست ۾ مداخلت نه ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيستائين پاڪستاني سياست ۾ فوج جي مداخلت جي ڳالهه آهي ته ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان جي تاريخ ۾ اڌ عرصو فوجي حڪومت رهي آهي، منهنجي پارٽي پ پ هر ڀيري آمريت کي چئلينج ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button