جهنڊو مري جي ميگهواڙ پاڙي ۾ باھه لڳڻ سبب 3 پورهيتن جا گهر سڙي ويا. اوچتو باهه لڳڻ سبب پورهيت چانديو ميگهواڙ، ڪانجي ميگهواڙ ۽ تلڇيو ميگهواڙ جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. باھه متاثرن ٻڌايو ته باهھ سبب 3 گهر ۽ گهرن ۾ پيل سمورو سامان، اناج، بسترا سڙي ويا ۽ 4 ٻڪريون مري ويون. هڪ گڏهه زخمي ٿي پيو. جهنڊو مري پوليس جي انچارج اي ايس آئي محمد ابراهيم سهتو باهھ واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن سان باهه وسائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پيارولنڊ ٽائون ڪميٽي مان فائر برگيڊ گاڏي گهرائي باهه تي ضابطو آندو. ٻئي پاسي يوسي چيئرمين مير حسن مري پهچي متاثرن کي خاطري ڪرائي ته اوهان جي مدد ڪئي ويندي. ٻئي طرف صحافين اڳيان لڙڪ لاڙيندي پورهيتن ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين مزدور آھيون. مزدوري مان چار ٻڪرين جا ڪن ورتا، جيڪي باھه ۾ سڙي ويا، هاڻ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، اسان جي مدد ڪري گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close