پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ سنڌ پاڪ تحريڪ جو ڪارڪن قتل، سروري جماعت اڳواڻ تي الزام

ٽنڊوآدم جي چانهيا پاڙي ۾ معمولي ڳالهھ تان منشيات ۽ سماجي براين خلاف جدوجهد ڪندڙ سنڌ پاڪ تحريڪ جي پيرسن ڪارڪن 55 ورهين جي ساجن چانهيو کي گهر ۾ داخل ٿي جوابدار پسٽل جو فائر ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويو. وارث زخمي کي تعلقي اسپتال کڻي آيا، جتان کيس طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد کڻائي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هو زخمن سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جي لاش کي واپس تعلقي اسپتال آندو ويو. مقتول جي وارثن موجب ته پيرسن ساجن کي سروري جماعت جي اڳواڻ ۽ پاڙيسري امين ورياهھ گهر ۾ داخل ٿي گولي هڻي قتل ڪيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويو آھي. سٽي پوليس پهچي ڪاروائي ڪري عيوضي ۾ جوابدار جي پي کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي رکيو. ڄاڻ موجب مقتول جي 4 ڏينهن اڳ پاڙيسري مولوي ارشاد سان منهن ماري ٿي هئي، جنهن تان مقتول کيس چماٽ ھڻي ڪڍي هئي، مامري جي نبيري لا امين ورياھه نامزد چيئرمين چاچا غلام مرتضى جوڻيجو وٽ فيصلو رکرايو هو، پر مقتول ساجن چانهيو کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن سبب مقتول فيصلي ۾ پهچي نه سگهيو هو، فيصلي ۾ نه اچڻ تان مامرا خراب ٿيا ۽ واقعو پيش آيو. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪريون پيا. جوابدار ڌر جو چوڻ آھي ته مقتول آپگهات ڪيو آھي، اسان وارثن پاران نامزد جوابدار جي والد کي حراست ۾ ورتو آھي، جاچ ڪري پو ڪيس داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button