ڪراچي جي نئين ميئر جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي، جنهن لا پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي جي اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڪراچي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر ٿي ويو ته شهر جي خدمت ڪندو. ان موقعي تي ميئر جي اميدوار مرتضيٰ وهاب چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ٿورائتو آهيان جن مون تي اعتماد ڪيو آهي، جيڪڏهن مان ميئر چونڊجي ويس ته انسانيت جي خدمت بابت پارٽي ايجنڊا کي جاري رکندس، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ڪراچي شهر جا مسئلا حل ڪندس. هن چيو ته مون تي بنا ثبوتن جي الزام لڳايا پيا وڃن، جيڪي حافظ نعيم کي ووٽ نه پيا ڏين انهن جو الزام اسان تي نه مڙهيو وڃي. ٻئي طرف ٻئي طرف ڪراچي جي ميئر لاءِ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان اڄ پيپلز پارٽي خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. حافظ نعيم چيو ته پيپلز پارٽي جي غير جمهوري رويي خلاف احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close