نئين مالي سال 24- 2023ع لا سنڌ حڪومت 2247 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 37 ارب 79 ڪروڙ رپيا خسارو آهي، هڪ کان 16 هين گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ 35 سيڪڙو، 17 هين گريڊ کان مٿي وارن آفيسرن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ پگهار وڌائي 35 هزار 550 رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪابينا جي اجلاس بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعليٰ توڙي ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو واڌ بعد صوبائي بجيٽ 2247 ارب 58 ڪروڙ 10 لک رپيا مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوئين سال اها بجيٽ 1713 ارب 58 ڪروڙ رپيا هئي، هلندڙ مالي سال آمدني جو ڪاٿو 2209 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بجيٽ خسارو 37 ارب 79 ڪروڙ رپيا آهي. وڏي وزير گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 34 سيڪڙو، 17 کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو ۽ پينشن جي مد ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 25000 رپين ۾ 35 سيڪڙو واڌ جي تجويز پڻ ڏني وئي، جيڪا لڳ ڀڳ 35550 رپيا بڻجي ٿي، ٻيو ايڊهاڪ رليف وفاقي حڪومت جي اعلان موجب ڏنو ويندو. نئين مالي سال لا ترقياتي خرچن جي مد ۾ 689 ارب 60 ڪروڙ رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، صوبائي اي ڊي پي لا بجيٽ ۾ 380 ڏهائي 5 ارب ۽ ضلعي اي ڊي پي لا ٽيهه ارب رکيا ويا آهن. سنڌ جي بجيٽ ۾ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 697 ارب رپيا ۽ غير ترقياتي بجيٽ 1411 ارب رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي، ڪراچي جي ميگا منصوبن لاءِ 12 ارب رپيا، تعليم کاتي لاءِ 353 ارب رپيا، زراعت کاتي لاءِ 11 ارب 91 ڪروڙ رپيا، صحت کاتي لاءِ 44 ارب 36 ڪروڙ رپيا، گهرو کاتي لاءِ 11 ارب 51 ڪروڙ رپيا، آبپاشي کاتي لاءِ 52 ارب رپيا ۽ مڪاني کاتي لاءِ 111 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير بجيٽ تقرير ۾ چيو ته گذريل سال برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي آبپاشي نظام کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، آبپاشي نظام جي بهتري ۽ مرمتي ڪم لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، وڏي وزير آبادگارن لا زرعي اوزار 50 سيڪڙو سبسڊي تي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو، ريگيولر ۽ سولر پاور ٽيوب ويل به سستن اگهن تي ڏنا ويندا، راندين ۽ نوجوانن لاءِ هڪ ارب 83 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. مراد علي شاهه ٻڌايو ته ٻوڏ سبب هلندڙ سال 100 ارب رپين جو واڌو بار پيو، صوبائي سالياني ترقياتي پروگرام تحت 87 ارب رپيا ٻوڏ جي بحالي لاءِ ڏنا ويا، جنيوا ڪانفرنس کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي ڪانفرنس رکي، سنڌ ڊونرز ڪانفرنس ۾ سيڙپڪارن کي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن موجب ٻوڏ سبب 4.4 ملين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي، صوبي جو 60 سيڪڙو روڊن جو نيٽ ورڪ سخت متاثر ٿيو، 2 ڏهائي 36 ملين گهر تباهه ٿيا، 12 ڏهائي 36 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ سنڌ جا 117 ڏهائي 3 ملين ڊالرن جي ماليت جا 4 لک 36 هزار 435 ڍور ٻوڏ جي وهڪرن جي ور چڙهي ويا. هن چيو ته ٻاهرين مدد جي منصوبن لاءِ 147.822 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ ۾ صوبائي خرچن لاءِ 1765 ڏهائي 02 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هاڻوڪي آمدني، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي خرچ شامل آهن، بجيٽ ۾ موجوده روينيو خرچن تي نظرثاني جو ڪاٿو 1296 ڏهائي 569 بلين رپيا رکيو ويو آهي، جيڪو سال 23-2022 جي بجيٽ ڪاٿي کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي، واڌ جو سبب برساتن، ٻوڏ دوران امدادي ۽ بحالي جي سرگرمين تي خرچ آهن، واڌ کانپوءِ قرض جي ادائيگين جي مد ۾ 7 ڏهائي 65 ارب رپين جي لاڳت وڌي وئي. مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي نتيجي ۾ پرڏيهي امداد ۾ واڌ جو امڪان آهي، نظرثاني ڪرڻ بعد 147 ڏهائي 822 ارب رپين جي واڌ ڪئي ويندي، هلندڙ مالي سال ۾ وفاقي امداد ۾ ساڍا 12 ارب رپين جي واڌ ٿي آهي، هلندڙ سال ضلعي سالياني پروگرام لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي وصولي وفاقي منتقلي ۽ صوبائي اوڳاڙين جو مجموعو آهن، اين ايف سي جي مد ۾ سڌي ريت منتقلي صوبن سان شيئرنگ فارمولي تحت ورهائي ويندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close