ڄامشورو: لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي جا ڄامشورو واسي 3 دوست شاگرد اڪرم واھه ۾ ٻڏي ويا، ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، ھڪ شاگرد کي بچايو ويو. ان سلسلي ۾ ڄامشورو واسي لمس يونيورسٽي ۽ سنڌيونيورسٽي جا شاگرد 3 دوست ڄامشورو کان حيدرآباد ويندي اڪرم واھه ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لا بيٺا، جيڪي هٿ منهن ڌوئڻ دوران هڪٻئي کي بچائيندي اڪرم واهه ۾ ڪري ٻڏي ويا، جن مان ٽوٻن هڪ شاگرد کي بچائي ورتو. معلوم ٿيو آهي ته ڄامشورو واسي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ شاگرد اسدالله عرف صابر کهڙو، جنسار منگي ۽ ياسر چنو گرمي سبب اڪرم واهھ ۾ هٿ منهن ڌوئڻ دوران هڪٻئي کي بچائيندي ٻڏي ويا، جن مان ٻن ڄڻن اسدالله کهڙو ۽ جنسار منگي جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا، جڏهن ته هڪ شاگرد ياسر چنو کي ٽوٻن بچائي ورتو. 2 لمس يونيورسٽي جا شاگرد ٻڌايا پيا وڃن ۽ ٽيون سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو، جيڪي پاڻ ۾ تمام پراڻا ۽ گھرا دوست هئا، ٽئي دوست ڄامشورو کان حيدرآباد طرف ڪتاب وٺڻ لا وڃي رهيا هئا، پر اڪرم واهه ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لا بيٺا ته واقعو پيش آيو. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي اسدالله کهڙو ۽ جنسار منگي جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. لمس يونيورسٽي جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهرين سال ۾ پڙھندڙ اسدالله کهڙو حيدرآباد جي سينيئر صحافي ۽ “ڪوشش” اخبار جي ايڊيٽر نعمت کهڙو جو ڀائيٽو آهي. جڏهن ته ٻيو شاگرد جنسار منگي به لمس ۾ ايل ايم ٽي ڊگري ڊپلوما ۾ پڙهندو هو. ٽيون شاگرد سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد آھي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close