مسڻ وڏي: مڪلي وٽ تيز رفتاري سبب ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر دوران ٽرڪ کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن سبب يوسي مسڻ وڏي جي ڳوٺ محمد صالح کوسو جو رهواسي ٽرڪ ڊرائيور هدايت کوسو دٻجي ۽ موٽرسائيڪل سوار گهاري جو رهواسي عارف عباسي فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو عملو پهتو، مشين گهرائي ٽڪر جي باڊي ڪٽي ڊرائيور هدايت جو لاش ٻاهر ڪڍيو ويو. ٻئي لاش مقامي اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو. حادثي ۾ ٽڪر جو ڪلينر زخمي ٿي پيو، جنهن کي بيهوشي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، سندس کيسي ۾ شناختي ڪارڊ نه هجڻ سبب سندس نالي جي خبر نه پئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close