دادو: دادو ڀرسان خداآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت جلباڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل فضل محمد جلباڻي حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، مقتول جي وارثن دلدار جلباڻي جي اڳواڻي ۾ انڊس هائي وي تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مقتول جي وارثن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، مظاهرين دانهيو ته جوابدارن حبيب جلباڻي، وزير، نديم، علي شير جلباڻي ۽ ٻين کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪيو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ڪراچي سميت ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هڪ ڪلاڪ بعد خدا آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪري وارثن مقتول جو لاش سول اسپتال دادو آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ ڌرين ۾ جهيڙي دوران منٺار ۽ فضل جلباڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيا هئا. ذريعن موجب پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪتل ناري جي معاملي تان ڪجهه سالن کان ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جوابدار ڌر جي ناري مقتول ڌر جي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي هئي، جيڪا راڄوڻي بعد واپس ڪرائي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close