ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت جي سميجا محلي ۾ 5 نامعلوم هٿياربندن صحافي سبحان سولنگي جي گهر ۾ گهڙي گهرڌڻين کي هڪ ڪلاڪ تائين يرغمال بڻائي ورتو، جنهن بعد هٿياربند لکين رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. متاثرن فوري طور ٿرڙي محبت پوليس کي اطلاع ڪيو، واقعي خلاف صحافين، شهرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن راڌڻ ميهڙ ڪنڊيور اسٽاپ وٽ ٿرڙي پوليس خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي هڪ ڪلاڪ تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي صحافي سبحان سولنگي، شهري اتحاد صدر ممتاز مينگل، سني ايڪشن ڪميٽي اڳواڻ صدرالدين جانوري، ايس ٽي پي ضلعي دادو اڳواڻ علي شير جوڻيجو، ايس يو پي تعلقي ميهڙ صدر غلام شبير منگي، گلاب ڳن ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪئي. هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ٿرڙي محبت جي ايس ايڇ او عنايت چانڊيو ۽ نامزد پ پ چيئرمين شاهد خان سهول۽ سندن وڏو ڀا اياز خان سهول پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ٽن ڏينهن جي مهلت گهرندي ڏوهه واپس ڪرائڻ جي يقين خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close