پاڪستانسنڌ

پٿوري مان نينگري مبينا اغوا، ٿاڻي تي نڪاح نامو ڏنو ويو، پي جو احتجاج

عمرڪوٽ: پٿوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ اوطاق جادم مڱريو مان رهواسي واڌو اوڏ جي 13 سالن جي ڌي حسينا مبينا طور اغوا ٿي وئي آھي. ان سلسلي ۾ نينگري جي پي واڌو اوڌ عمرڪوٽ ۾ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته جوابدارن شوڪت شر، معروف، منور، دلوس، مختيار ۽ ٻين گھر تي ھلان ڪري رات پيٽ ۾ ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي منھنجي 13 سالن جي نياڻي حسينا کي اغوا ڪري ورتو، جنهن کي 22 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرايو ويو، هتي قانون نالي ڪا شئي ناهي، پوليس پئسا وٺي جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ٿاڻي تي رڳو نڪاح نامو ۽ ڪورٽ جا ڪاغذ موجود آهن، ڪهڙو مولوي آهي، جيڪو 13 ورهين جي ٻارڙي جو مذهب تبديل ڪرائي ان جو نڪاح ڪرائي ٿو. ڌي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پر ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هن گهر ڪئي ته ننڍي عمر ۾ ڌي جو نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button