ڍورو نارو: ڍورونارو ويجهو عمرڪوٽ کپرو بائي پاس مين روڊ تي رات دير سان بااثر ماڻهن پاران روڊ ٽوڙي واٽر ڪورس ڪڍڻ خلاف ڳوٺاڻن محمد امین ڀٽي، طاهر ڀٽي، يوسف ڀٽي، مکڻ ڀٽي غفور ڀٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته رات دير سان بااثر متارو مڱريو جي بڇ تي سندس ڪمدار معرو راڄڙ ۽ 20 ھٿياربندن زبردستي عمرڪوٽ کپرو بائي پاس مين روڊ ٽوڙي رٽائرڊ استاد امين ڀٽي جي زمين مان واٽر ڪورس ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي اطلاع تي ڍورونارو پوليس پھتي ته هٿياربند کوٽائي ڇڏي فرار ٿي ويا، بااثر متارو مڱريو، ڪمدار معرو راڄڙ ۽ ٻين ڪجهه ڏينهن اڳ رٽائرڊ استاد امين ڀٽي مٿان تشدد ڪيو ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن خلاف ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي، پر بااثر ٻيهر اڳرائي ڪئي. هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ، ايڪسين روڊس سانگهڙ ۽ ايس ايڇ او ڍورونارو کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close