سمنڊ ۾ امڪاني طوفان سبب ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ساحلي پٽي تي ھوا جي گھٽ دٻا سان گڏ گرم ھوائون گھلڻ لڳيون، جنھن سبب سامونڊي پٽي جي رهواسين جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو، جاتي ۾ زيرو پوائنٽ کان ڪوٺي تائين سوين ماڻهن ۾ شديد خوف ڦھليل آھي، سجاول ضلعي جي ساحلي علائقن شاھبندر، جاتي ۽ کاروڇاڻ ۾ مهاڻن سوين ھوڙا اونھي سمنڊ مان ٻاھر ڪڍي مڇي جو شڪار روڪي هوڙا تڙن تي بيھاري ڇڏيا آھن. تفصيل موجب ٺٽي جي ضلعي انتظاميا هنگامي حالتون لاڳو ڪندي مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻن کي هوڙا ڪنارن تي بيهاري سمنڊ ۾ نه وڃڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته ڊي سي بدين ليٽر لکي ساحلي پٽي جي مختلف ھنڌن تي قائم رينجرز چيڪ پوسٽ انچارجن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ماهيگيرن کي سمنڊ ۾ شڪار تي وڃڻ کان روڪين. ٻئي طرف سامونڊي طوفان ۽ برساتن بابت وارننگ ۽ ڊي سي سجاول اياز علي ابڙو پاران ضلعي ۾ الرٽ جاري ڪرڻ باوجود ضلعي ۽ مقامي انتظاميا جاتي جي ساحلي پٽي جو دورو نه ڪيو آھي ۽ نه ئي ساحلي پٽي جي رهواسين کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪرڻ جا ڪي اپا ورتا ويا آهن. ان حوالي سان پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين مھراڻ شاھه ۽ وائيس چئرمين نور محمد ٿھيمور پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته سامونڊي طوفان خطرناڪ صورت اختيار ڪرڻ جي ڏنل وارننگ باوجود جاتي جي ٽن ساحلي يوسيز جا ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن، ڪٿي ائين نه ٿئي جو انتظاميا جي غفلت سبب 1999ع واري تباھي مچائيندڙ صورتحال پيدا ٿئي. هنن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ روڊ رستا بلڪل نه آھن ۽ نه گاڏين جي سھولت يا شيلٽر ٺھيل آھن جو غريب ڪٿي سر بچائي سگھن ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جاتي تعلقي جي ساحلي يوسين گل محمد ٻارڻ، ڪڙملڪ ۽ ڪوٺي جي عوام جو زندگيون بچائڻ لا تڪڙا قدم کنيا وڃن. هوڏانهن ساحلي پٽي جي رهواسين علي محمد عاجز، نثار ٿھيم ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪلڪان ڇاڻي جيٽي وٽان سمنڊ جي پاڻي کي روڪڻ لا بند زبون حال بڻيل آھي، جنھن سبب سمنڊ ۾ پاڻي جي چاڙهھ ۽ ڇولين جو پاڻي بند تان ڇلڪي رھيو آھي، جيڪڏھن ھنگامي بنيادن تي رنگ بند جي مرمت نه ڪئي وئي ته بند ٽٽڻ سان ساحلي پٽي جا سوين قديمي ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close