وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٺٽي جي ساحلي علائقي ڪيٽي بندر پهچي سامونڊي طوفان بيپر جوائي جي خطري بابت ضلعي انتظاميا ڪي اڳواٽ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ساحلي پٽي تي موجود آبادين، سمنڊ جي پاڻي جي وهڪري ۽ بچاءُ بندن جو فضائي معائنو ڪيو، وڏي وزير چيو آهي ته سجاول، بدين ۽ ٺٽي ضلعن جا لڳ ڀڳ 32 هزار 466 ماڻهو ۽ ڪراچي ۾ 70 خطرناڪ عمارتن جا رهواسي سامونڊي طوفان “بيپر جوئي” کان متاثر ٿي سگهن ٿا، مختلف علائقن مان 80 هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو منصوبو آهي، موجوده صورتحال ۾ ڪنهن کي به اڪيلو ۽ بي يارو مددگار نه ڇڏيو ويندو. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ کان انڪار ڪن ۽ اسان کين ڇڏي ڏيون، ائين ڪم نه ھلندو. 31 هين ڪريڪ، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر جي ڪانفرنس روم ۾ اجلاس کي خطاب ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرو سجاول ضلعي ۾ آهي، سامونڊي طوفان جو پاڻي شاهبندر، سجاول ۽ چوهڙ جمالي تائين اچي سگهي ٿو، تنهن ڪري اتان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لازمي آهي، اسان توهان ماڻهن کان درخواست نه ڪنداسين پر مطالبو ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته ماڻهن طرفان مزاحمت ٿي رهي آهي، اسان ماڻهن کي محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سمورا اپاءَ وٺڻ سميت ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ بل بورڊز، سائن بورڊز ۽ ٻين اهڙن خطرناڪ انفراسٽرڪچر کي هٽائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته وڌ ۾ وڌ لڳاتار مٿاڇري هوائون 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، سامونڊي طوفان 14 جون جي صبح تائين وڌيڪ اتر ڏانهن ٽريڪ ڪرڻ جو امڪان آهي، پوءِ 15 جون منجهند تائين اتر-اوڀر ڏانهن رخ ڪندو ۽ اهو پوءِ ٻنپهرن جي وچ ۾ ڪيٽي بندر (ڏکڻ سنڌ) ۽ هندستاني گجرات جو ساحل وٽان گذرندو. طوفاني هوائن سبب ڪمزور گهرن ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي. ضلعي انتظاميا پاران پاڪستان نيوي ۽ پاڪ فوج جي ماهيگيرن کي سمنڊ مان واپس گهرايو ويو آهي ۽ کين مڇي مارڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت 9 جون تي سي آر پي سي جي قلم 144 تحت مڇي مارڻ، ترڻ، غسل ڪرڻ ۽ ٻيڙيون هلائڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي آهي، جيڪا اڄ کان لاڳو ٿيندي. هن ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊز کي هدايت ڪئي ته 9 جون تي بل بورڊ، سائن بورڊ ۽ ٻيو اشتهاري مواد فوري طور هٽايو وڃي. وڏي وزير ڪراچي ڊويزن جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي طوفان دوران ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي موجودگي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن چوڪ پوائنٽس تي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پمپ لڳائڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير حيدرآباد جي ڪمشنر بلال ميمڻ کي هدايت ڪئي ته عوام جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، ڪوسٽل ڪمانڊر ريئر ايڊمرل راجا رب نواز، جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل محمد حسين، پاڪستان ميري ٽائيم ڪموڊور جواد خواجه، ڪور 5 ڪراچي جي برگيڊيئر طارق محمود شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ڪمشنر ٻڌايو ته 41 ڳوٺن مان 23 تعلقي جاتي، 10 تعلقي شاهه بندر ۽ 8 تعلقو کارو ڇاڻ ۾ آهن. انهن ٽنهي تعلقن ۾ 105 ڳوٺ، 9194 گهر، 53522 آبادي ۽ 6120 ڍور خطرناڪ صورتحال جو شڪار ٿي سگهن ٿا. بدين ضلعي جي ساحلي علائقن ۾ ٻه ضلعا بدين ۽ شهيد فاضل راهو اچي وڃن ٿا جيڪي غير محفوظ آهن. ٻنهي تعلقن جي ساحلي پٽي اٽڪل 50 ڪلوميٽر آهي. بدين تعلقي ۾ 3 يونين ڪائونسلون، 12 ڳوٺ، 68 ڳوٺ، 3668 گهر ۽ 32 هزار جي لڳ ڀڳ آبادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سامونڊي طوفان سبب ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جا 8 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ نيڪال متاثر ٿيا آهن جنهن ڪري 13950 جي لڳ ڀڳ آبادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. گهوڙاٻاڙي تعلقي ۾ 7750 جي آبادي تي مشتمل 955 گهر متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. جنهن تي مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ماڻهو طوفان جو شڪار آهن اهي پنهنجا گهر خالي ڪري محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿي وڃن، ٻي صورت ۾ اسان انهن کي زبردستي اتان ڪڍي ڇڏينداسين ڇاڪاڻ ته اسان کي انهن جي حياتي وڌيڪ پياري آهي، اسان جو فرض آهي ته ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته مان منٿ نه پر ماڻهن کي هر حال ۾ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهيان ته جيئن قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close