اسلام آبادپاڪستان

طوفان جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي،خطرا اڃا برقرار آهن:شيري رحمان

اسلام آباد :موسمياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته سامونڊي طوفان بائيپر جواءِ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ان سان واڳيل خطرا اڃا تائين برقرار آهن، ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي افراتفري کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماڻهن کي ان بابت لڳاتار آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي، خطري جي لپيٽ وارن علائقن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ رليف ڪيمپن سميت ضروري قدم شروع ڪيا ويا آهن. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته طوفان غير متوقع طور رفتار ۽ رخ تبديل ڪري سگهي ٿو، ڀارت جي سمنڊ سان گڏوگڏ ان جو رخ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ڏانهن به آهي. هن چيو ته بائپر جواءِ انتهائي شديد طوفان تبديل ٿي ويو آهي، جنهن جي سطح تي هوا جي رفتار 140 کان 150 ڪلوميٽر آهي جڏهن ته ان جي مرڪز ۾ 170 ڪلوميٽرن جي رفتار آهي. طوفان ڪراچي کان 440 ڪلوميٽر ڏکڻ، ٺٽي کان 430 ڪلوميٽر ۽ اورماڙه کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان اڄ 14 جون جي صبح تائين اتر جي رخ ۾ جڏهن ته بعد ۾ اوڀر طرف رخ تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. 15 جون تي منجهند جو انتهائي شديد طوفان جي صورت ۾ سنڌ جي ڏاکڻي اوڀرندي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي سمنڊ جي وچين علائقن ۾ ٽڪرائجڻ جو امڪان آهي. سامونڊي طوفان سبب ٺٽي، بدين، سجاول، ڪراچي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، حيدرآباد، اورماڙه، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان جا علائقا متاثر ٿيندا جتي تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. شيري رحمان چيو ته طوفان جي صورتحال کي لڳاتار مانيٽر ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ هر 3 ڪلاڪن بعد رابطا اجلاس منعقد ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button