پاڪستانسنڌ

وڏي وزير طرفان ڪراچي جو دورو،حفاظتي انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن:مراد شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سامونڊي طوفان جي سلسلي ۾ پنهنجون سموريون امڪاني حفاظتي تياريون مڪمل ڪري ورتون آهن. رب کان دعا آهي ته طوفان جو زور گهٽجي وڃي، ماڻهن کي چوندس ته اهي غير ضروري طور تي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. وڏي وزير اڱاري جي شام سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي سنڌ حڪومت پاران ڪيل انتظامن بابت ايوان کي اعتماد ۾ ورتو ۽ وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ جي سامونڊي علائقن ۽ ڪراچي جي سامونڊي هنڌن جو تفصيلي دورو ڪري آيو آهيان، سامونڊي طوفان جو رخ پاڪستان ڏانهن آهي، هاڻي کان هلڪي بوندا باندي شروع ٿي چڪي آهي. موسميات کاتي مطابق تيز برسات ۽ هوائون گهلنديون. مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته 1999ع ۾ به اهڙو ئي طوفان آيو هو. هن چيو ته خطري وارن هنڌن تان هن وقت تائين 38 هزار ماڻهن کي محفوط هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، رات تائين 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪافي ماڻهو پنهنجن مائٽن ڏانهن وڃي رهيا آهن، ڪجهه ماڻهن کي ڪئمپن ۾ رهايو ويندو. هن چيو ته سجاول ۾ برسات شروع ٿي چڪي آهي، ڪراچي ۾ 60 ملي ميٽر برسات وسڻ جو امڪان آهي. خميس ۽ جمعي تي تمام گهڻي برسات پوندي، طوفان دوران جيڪڏهن ڪنهن جي گهر کي نقصان ٿيو ته سنڌ حڪومت ان جي مدد ڪندي، اسان جون تياريون مڪمل آهن. ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي شهر جو اوچتو دورو ڪيو ته جيئن بل بورڊن، نيون سائينز، ٽريفڪ سائن بورڊن ۽ ٻيون ڪمزور انسٽاليشن هٽائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت ۽ ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ سان گڏ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي بلڊنگ نرسري کان بغير پروٽوڪول دوري جي شروعات ڪئي. ايئرپورٽ ويجهو بل بورڊ، اڏاوتون/فائونڊيشن ان وقت تائين لڳا پيا هئا. وڏي وزير ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته انهن کي هٽائڻ لاءِ ڊي سيز ۽ ڊي ايم سيز کي پابند ڪيو وڃي. وڏي وزير قائد آباد ۾ پراڻي عمارت جو دورو ڪيو، جتي نه رڳو ماڻهو رهيل هئا، پر ان ڇت تي بل بورڊ پڻ لڳل هئا. مراد علي شاهه بورڊن کي اتان هٽائيندي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. مراد شاهه چشما ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ، ابراهيم حيدري ۽ ڪورنگي ڪريڪ جو دورو ڪيو، جتي هن علائقن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ واري ڪم جو جائزو ورتو. ڪمشنر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته طوفان دوران متاثر ٿيندڙ آبادي لڳ ڀڳ 40 هزار آهي ۽ 5 کان 10 هزار ماڻهن کي ريسڪيو وارن هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. تعليمي ادارن جي ٽن عمارتن گورنمينٽ پرائمري اسڪول لٺ بستي، ڊگري ڪاليج ڪيٽل ڪالوني ۽ سونامي سينٽر لٺ بستي کي امدادي ڪئمپن ۾ تبديل ڪيو آهي. ڪمشنر حيدرآباد وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي متاثرن جو انگ 85022 آهي، جن مان 24105 کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، اڃان به لڏپلاڻ جاري آهي ۽ شام تائين وڌيڪ 13650 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو. اڱاري جي رات تائين، لڏپلاڻ جو ڪل تعداد 37755 هوندو. ڪيٽي بندر جي 13 هزار متاثر آبادي مان 6 هزار ماڻهن کي 7 رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. گهوڙاٻاڙي جي متاثر آبادي لڳ ڀڳ 5000 آهي، جن مان 2000 کي ٽن محفوظ ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. سجاول جي 36560 متاثرن مان 2578 کي 10 محفوظ ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جاتي ۾ سامونڊي طوفان سبب 9027 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جن مان 3027 کي چار محفوظ ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. کاروڇاڻ جي 7936 متاثرن مان 3000 کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. شهيد فاضل راهو جي 11000 متاثرن مان 6500 کي 8 ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. بدين تعلقي جي 2500 متاثرن مان 1000 کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button