اسلام آبادپاڪستان

نظرثاني ايڪٽ خلاف ڪيس مضبوط نه ٿيو ته لائحه عمل جوڙينداسين:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست جي شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته نظرثاني ايڪٽ خلاف ڪيس مضبوط ناهي ته پوءِ آئينده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين. ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نظرثاني درخواست تي شنوائي ڪئي. شنوائي جي شروعات تي اليڪشن ڪميشن جو وڪيل رياض حنيف راهي روسٽرم تي آيو ۽ عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت کي گذارش آهي ته منهنجي درخواست به ٻڌي وڃي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت سڀ کان پهريان نظر ثاني ٿيل قانون تي دليل ٻڌندي، اسان ٻنهي ڪيسن کي گڏ ڪيو هو، جيڪڏهن قانون خلاف ڪيس مضبوط نه ٿيو ته پوءِ مستقبل جي ڪارروائي جو فيصلو ڪنداسين. ان تي وڪيل چيو ته نظرثاني ٿيل قانون خلاف درخواستن تي فيصلي تائين درخواستن کي التوا ۾ رکيو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان شايد توقع ڪري رهيا آهيو ته اسان به ان قانون تي پابندي جو حڪم ڏيون، اهو ممڪن ناهي ته هر هڪ ڪيس ۾ قانون تي پابندي جو حڪم ڏنو وڃي. درخواستگذار زمان وردگ چيو ته ريويو اينڊ ججمينٽ ايڪٽ کي به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. نظرثاني ۽ فيصلي جو حڪم معطل ڪري 8 رڪني بينچ آڏو شنوائي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان قانون کي بار بار معطل نٿا ڪري سگهون، اسان هڪ قانون پهريان معطل ڪيو ٻئي کي معطل نٿا ڪري سگهون. درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي رولز ۽ پروسيجر ۽ ريويو اينڊ ججمينٽ آرڊر جي شقن ۾ هڪجهڙائي آهي، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن پڇاڻو ڪيو ته ريويو اينڊ ججمينٽ آرڊر معطل ڪرڻ جو ڪهڙو قاعدو آهي. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هڪ قانون آئيني شقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي ته پوءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته ٻيو قانون به قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ٻن قانونن ۾ مطابقت بلڪل الڳ ڳالهه آهي، قانونن ۾ مطابقت کي خلاف ورزي نٿو قرار ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button