سنڌ اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي صوبائي بجيٽ تي عام بحث شروع ٿي ويو آهي. پهرين ڏينهن بحث ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪافي ميمبرن حصو ورتو. اپوزيشن تجويز پيش ڪئي ته طوفان گذرڻ تائين بحث کي موخر ڪيو وڃي. اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ هڪ ڪلاڪ 30 منٽ دير سان شروع ٿيو، ايوان جي ڪاروائي جي شروع ۾ سنڌ مان سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ لاءِ خاص دعا ڪرائي وئي. اجلاس جڏهن شروع ٿيو ته ايوان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي پاسن جي ميمبرن جو ڪل انگ صرف 25 جي لڳ ڀڳ هو. شرجيل ميمڻ ايوان کي ٻڌايو ته ساموندي طوفان لاءِ سنڌ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير سامونڊي علائقن جو دورو ڪيو آهي، ماڻهن کي ساموندي علائقن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وڏي انگ ۾ ماڻهن جي امدادي ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، اتي ماڻهن کي سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته شهر مان بل بورڊ هٽايا پيا وڃن. ماڻهن کي درخواست آهي ته سي ويو نه وڃن. هن ساحلي علائقن جي رهواسين کي چيو ته اهي منتقل ٿيڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سان سهڪار ڪن، اسان جي دعا آهي ته هي آفت خيريت سان گذري وڃي. هن چيو ته هن طوفان جو احتياط کانسواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي مراد شاهه دورو شروع ڪيو. هن وقت تائين 47800 مان 22200 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪي ايم سي جي سموري مشينري رستن تي آهي، صورتحال کي منهن ڏيڻ لا سمورا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير ساموندي طوفان جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ لاءِ چيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته سڀني اسيمبلي ميمبرن جو فرض آهي ته اهي عوام جي ڏکيائين جي حل لاءِ ٻاهر نڪرن. ان موقعي تي آغا سراج دراني چيو ته طوفان اچي يا نه اچي، ان جا اثر ضرور اچن ٿا. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ڪوسٽل بيلٽ وارا اسيمبلي ميمبر بجيٽ بحث ۾ شرڪت بدران پنهنجن علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺڻ لاءِ وڃي سگهن ٿا. ٻئي طرف اسپيڪر اسيمبلي جو اجلاس اربع جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close