ساموندي طوفان جو ڪراچي کان مفاصلو گهٽجي 470 ڪلوميٽر ٿي ويو، جڏهن ته اڻوڻندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جا حفاظت دستي تيار آهن. امڪاني ساموندي طوفان بائيپر جوائي جا اثر پهچڻ لڳا. ڪراچي جي سامونڊي علائقن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ لڳي، سامونڊي طوفان سجاول ۾ اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو، مهاڻن پنهنجون ٻيڙيون پاسي تي بيهاري ڇڏيون، موسميات کاتي سامونڊي طوفان جي حوالي سان 15 هون الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن مطابق طوفان بدين کان 460 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. گذريل 12 ڪلاڪن اندر سامونڊي طوفان جو رخ بدستور اتر ڏانهن رهيو. جڏهن ته 14 جون جي صبح تائين طوفان جو ٽريڪ اتر ڏانهن رهندو، 15 جون تي رخ تبديل ڪرڻ کانپوءِ شام جي وقت سنڌ جي علائقي ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي رياست گجرات کي ڪراس ڪندو. طوفان جي مرڪز ۽ ڀرپاسي ۾ هوائون 160 کان 180 ۽ وڌ کان وڌ 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهن. ڪراچي جي سمنڊ ڪناري تي آباد ڳوٺ ساموندي طوفان سبب تيز هوائن جي اثر هيٺ اچي ويا. چشما ڳوٺ ۽ ريڙهي ڳوٺ ۾ سمنڊ جي پاڻي ۾ لاڳيتو چاڙهه آهي، پاڻي چشما ڳوٺ جي رستي جي ڪناري تائين پهچي ويو، پر رهواسين اڃا لڏپلاڻ ناهي ڪئي. بدين مان ماڻهن ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن ۾ لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، 2000 کان وڌيڪ ماڻهو گهر ڇڏي هليا ويا آهن. لڏپلاڻ ڪندڙن لاءِ گولاڙچي ۾ امدادي ڪئمپ لڳائي وئي آهي. ڪي ٽي بندر کي سمنڊ کان محفوظ رکندڙ بند ٽٽڻ وارو آهي. سامونڊي طوفان سبب ٻهراڙي سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان ۽ گجگوڙ سان 300 ملي ميٽر برساتون ٿي سگهن ٿيون. ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن اندر 100 ملي ميٽر برسات پئي سگهي ٿي. سامونڊي طوفان جي ڏکڻ اوڀر سنڌ جي سامونڊي پٽي تائين پهچڻ جي صورت ۾ 17 جون دوران ٺٽو، سجاول، بدين، ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات وسي سگهي ٿي، هوائن جي رفتار 80 کان 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪري سگهجي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close