پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ پيرسن جو ٽانڪي مان لاش مليو

ڇاڇرو: ڇاڇرو شهر جي ڪاڳيا پاڙي ۾ اڌڙوٽ شخص جو پاڻي جي ٽانڪي مان لاش هٿ آيو. 60 ورهين جي اڌڙوٽ شخص جي سڃاڻپ ڊيلو پٽ ڏيسر ميگھواڙ طور ٿي. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پيرسن پير سلپ ٿيڻ سبب پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري فوت ٿيو آهي، پيرسن جو هڪ پٽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آهي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button