اسلام ڪوٽ: سامونڊي طوفان جو رخ ساحلي پٽي طرف ٿيڻ بعد ٿرپارڪر ۾ تيز هوائون شروع ٿي ويون. گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ولي جو تڙ ۾ تيز هوا لڳڻ سبب اسڪول جو لوهي در ڪري پيو، جنهن سبب 10 ورهين جو معصوم ٻار خان محمد پٽ قاسم سمون مغز ۾ گيٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳوٺ جي مقامي اسپتال پهچايو، جتي هو فوت ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ٻارڙو والدين جو اڪيلو پٽ هو، جيڪو ٻارن سان گڏ راند کيڏي رهيو هو ته در ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي طوفان جو ٿرپارڪر ڏانهن رخ ٿيڻ باوجود مقامي انتظاميا ڪي به اپا ناهن ورتا. بجلي جي تارن جي ويجهو موجود وڻن ڪٽائي نه ڪرائي وئي، نه ئي دڪانن تي لڳل ڇپرا يا بورڊ هٽايا ويا آهن. شهر جي گٽرن نالن جي به صفائي ناهي ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ رهواسين ٻڌايو ته تيز هوائن ۾ دڪانن جي ڇپرن ۽ بورڊن سان جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي تيز برسات جي اڳڪٿي باوجود هيٺائين وارن علائقن لوهار پاڙي، سوٽهڙ ۽ ميگهواڙ پاڙي جي رهواسين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ناهي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ رابطي تي اي سي اختر لاشاري ٻڌايو ته شهر ۾ پڙهو گهمائي شهرين کي آگاهي ڏني پئي وڃي، هيٺائين وارن پاڙن ۾ رهندڙن کي محفوظ هنڌن تي رهائڻ لا اسان تعليم کاتي سان ڳالهايو آهي، اسڪولن توڙي هولي گرائونڊ کي خالي ڪرايو آهي، دڪانن جا ڇپرا ۽ سائن بورڊ هٽائڻ لا دڪاندارن کي چيو آهي، ماڻهو به ڪجهه پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سهڪار ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close