اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي کي سُپريم ڪورٽ جي جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي کي سُپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي. جسٽس مسرت هلالي خيبرپختونخوا مان سُپريم ڪورٽ جي جج بڻجندڙ پهرين عورت جج هوندي. صدر طرفان ان جي منظوري بعد سُپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 16 ٿي ويندو. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين آهي.
جج قاضي فائز عيسيٰ جسٽس مسرت هلالي جو نالو تجويز ڪيو هو.