اسلام آبادپاڪستان

رويو ايڪٽ لاڳو ٿيو ته پاڻمرادو نوٽيس وارا سڀ ڪيس ٻيهر کلي ويندا:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آرٽيڪل 184 ٿري ۾ اپيل جي حق لاءِ آئيني ترميم کي ڀليڪار چونداسين ۽ آئيني اختيار کي آئيني ترميم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ريويو اينڊ ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستن تي شنوائي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 184 جي شق ٽي جي اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 184 جي شق ٽي جي فيصلي خلاف اپيل جو حق ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم ڪريو، آئيني ترميم ڪئي وئي ته اسان ان کي ڀليڪار چونداسين، آئيني اختيارن کي آئيني ترميم ذريعي ئي تبديل ڪري سگهجي ٿو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته نظرثاني ايڪٽ لاڳو ٿيو ته پاڻمرادو نوٽيس سان سمورا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا. فوجداري جائزي ۾ صرف نقص کي ختم ڪيو ويندو آهي، سول ۾ دائرو وڏو هوندو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته هي قانون 184 (3) تائين محدود ٿي ويو آهي، نظرثاني ايڪٽ محدود مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي، سڀاڻي پارليامينٽ ٻيو قانون ٺاهيندي ته هڪ نه پر ٻه اپيلون هونديون؟ پو ڇا ٿي سگهي ٿو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته نظرثاني جو حق پاڻمرادو نوٽيس ذريعي ڏنو ويو آهي، ان جو مطلب آهي ته آئين اختيارن ۾ گهٽتائي جي اجازت ڏئي رهيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نظرثاني ۾ ٻڌڻ جو حق ۽ ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو پر اپيل نٿي ڪري سگهجي، توهان سپريم ڪورٽ جا اختيار پاڻمرادو محدود ڪري ڇڏيو. بعد ۾ عدالت ڪيس جي شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button