اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪالهه ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان بجيٽ 24 – 2023ع ۾ معاشي مشڪلاتن جي باوجود ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن جي شموليت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻن وزيراعظم جي خيبرپختونخوا خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدمن کي ساراهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close