اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف شرط مڃڻ لاءِ هيٺ مٿي ٿي ويا آهيون،دعا ڪريو معاهدو ٿي وڃي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ هيٺ مٿي ٿي ويا آهيون، دعا ڪريو ته اسان جو معاهدو ٿي وڃي. ملڪي مفاد لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سندن شرط مڃڻ لاءِ به پوئتي هٽي ويا آهيون. آ ايم ايف وٽ اسان جا سڱ ڦاٿا پيا آهن. ڪالهه هن پارٽي جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عالمي مالياتي فنڊ سان مختصر مدي جو معاهدو ڪري سگهون ته جيئن وڏن معاشي چئلينجن مان ٻاهر نڪري سگهون. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار جا پير ڪڍندڙن کي پارٽي ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي. اسحاق ڊار ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري رهيو آهي، اسان جي پارٽي سياست نه رياست بچائي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ وڏو فيصلو هو، آءِ ايم ايف ۾ اڄ به اسان جا سڱ ڦاٿل آهن. وزيراعظم چيو ته مون جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڪيترائي ڀيرا ملتوي ڪرايو، ڇو ته مان ان انتظار ۾ هيس ته نواز شريف پاڪستان ايندو ۽ مان اها ذميواري سندس حوالي ڪندس، پر چونڊن جي تلوار ٽنگيل هئي تنهن ڪري اجلاس گهرائڻو پيو. هيءَ جيڪا پڳ توهان مون کي پارائي آهي، اها نواز شريف جي امانت آهي ۽ جڏهن نواز شريف ايندو ته پارٽي صدارت سندس حوالي ڪندس.هن چيو ته نواز شريف پاڪستان جي ترقي جو معمار آهي، دعا آهي ته نواز شريف اچي ۽ چونڊ وڙهي، چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي. ٻئي طرف وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رانا ثناءُالله، احدخان چيما، حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي سي ڊي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي رٿائن تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ترقياتي رٿائن ۾ معيار تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. ترقياتي رٿائن جي مقرر مدي ۾ تڪميل يقيني بڻائي وڃي. چيئرمين ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي اڏاوتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button