اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جا ٻاهرين فنانسنگ جا شرط پورا ڪريون پيا: اسحاق ڊار

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊون نه هجن ها پوءِ به اهڙي ئي بجيٽ پيش ڪيون ها. قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته بجيٽ اسٽريٽيجي ۾ دير جو سبب آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ۾ دير هئي، آءِ ايم ايف ٻاهرين فنانسنگ جا شرط رکيا، جيڪي پورا ڪري رهيا آهيون. تاڙي ٻنهي هٿن سان وڄندي آهي، سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، هڪ گئس پائپ لائن جو 50 ارب ڊالرن جو اثاثو پاڪستان وٽ آهي، جڏهن ته ريڪوڊڪ سان 6 هزار ارب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو چونڊون نه هجن ها پوءِ به اهڙي ئي بجيٽ پيش ڪيون ها، بجيٽ ۾ 223 ارب رپين جا ٽيڪس قدم کنيا ويا، جنهن ۾ آءِ ٽي سيڪٽر ۽ ايس ايم ايز تي ڌيان ڏنو، سي پي آءِ 29 سيڪڙو ۽ ڪور انفليشن 20 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي.سندس چوڻ هو ته سرڪاري ملازم سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل طبقو آهي، موجوده ٽيڪس ڏيندڙن تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مهانگائي ۽ اوسر جي شرح جي حساب سان ٽيڪس جو ٽارگيٽ رکيو ويندو آهي.اسحاق ڊار چيو ته ڪراچي پورٽ تي ڪنٽينرز جي ڪليئرنس ۾ دير تي ايف بي آر چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪئي آهي، سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا آهن، سمگلنگ گهٽي ضرور آهي پر اڃا ختم ناهي ٿي، روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، 5 ارب رپيا ماليت جي کنڊ قبضي ۾ ورتي وئي آهي. هن چيو ته چين کان هڪ ارب ڊالر اڄ يا سومر تائين اچي ويندا، جيڪو اسان قرض واپس ڪيو، اهو ٻيهر ملي رهيو آهي، چين سان هڪ ارب ڊالرن تي ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي چڪي آهي، بئنڪ آف چائنا سان به 30 ڪروڙ ڊالرن تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button