سکر: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام، مومن سمون ۽ ٻين پريا ڪماري جي گھر گئو شالا آشرم پهچي سندس پي راج ڪمار سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن جو قانون آهي، لاقانونيت، بدامني، قبيلائي جهيڙا ۽ ڌاڙيل راڄ جو ڪير ذميوار آهي؟ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، پريا ڪماري کي 23 مهينا گذري ويا آهن، جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي، سندس امڙ رت جا ڳوڙها لاڙي رهي آهي، سندس پي سنڌ سرڪار جي نمائندن جي درن تي وڃي ٿڪجي پيو آهي، پر پريا ڪماري کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي، معصوم جعفر ڀٽو، عظيم مڻڪ کي به اغوا ڪيو ويو آهي،ميرپورماٿيلو مان آفتاب چوهاڻ کي اغوا ڪري 2 ڪروڙ ڀُنگ گهريو ويو آهي، پر سرڪار ۽ ان جا وزير خاموش آهن، جيڪڏهن پريا ڪماري، ننڍڙو عظيم مڻڪ، ٻارڙي جعفر ڀٽو، آفتاب چوهاڻ کي سرڪار بازياب نه ڪرايو ته حڪمرانن جو گهيراءُ ڪنداسين. ٻئي طرف جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي گمبٽ پهچي جسقم اڳواڻ محمد علي اڄڻ جي امڙ جي وفات تي تعزيت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close