اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي ترقي جي سفر کي روڪيندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. گذريل حڪومت جي چئن سالن واري اونداهي دور ۾ لاهور کان ڄاڻي واڻي بدلو ورتو ويو. بين الاقوامي ڪمپنين کي بي سبب هراسان ڪيو ويو، ڪمپنين کي تباهه ڪري سياسي ڀرتين سان ادارن کي تباهه ڪيو ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه جي نالي واري ڪمپني البئراڪ گروپ جي صدر احمد بئراڪ وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته البئراڪ لاهور ۾ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن چيو ته پنهنجي گذريل دور ۾ اسان لاهور جي رهواسين کي بين الاقوامي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون. لاهور ۾ بين الاقوامي سيڙپڪاري سان جديد سفري سهولتون، سالڊ ويسٽ مينجمينٽ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا. البئراڪ گروپ جي وفد پاڪستان ۾ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيمه، مسلم ليگ (ن) جو سينئر اڳواڻ خواجه حسان، ترڪ البئراڪ گروپ جي صدر کان علاوه ڪمپني بورڊ ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هاڻوڪي ترڪيه جي دوري دوران البئراڪ گروپ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ۽ جلد پاڪستان جي دوري جي باري ۾ آگاهه ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close