اسلام آبادپاڪستانسنڌ

بجيٽ ۾ سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا فنڊ ناهن رکيا ويا:قومي اسيمبلي ۾ تقريرون

اسلام آباد :قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي تي ڪالهه به بحث جاري رهيو. پهرين سيشن ۾ بحث ۾ حصو وٺندي ميمبرن چيو ته حڪومت ڏکين اقتصادي حالتن باوجود سٺي بجيٽ پيش ڪئي آهي. سگريٽن تي ٽيڪس وڌايو وڃي. زراعت تي خاص توجهه ڏني وڃي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر رياض الحق چيو ته بجيٽ ۾ اين ايڇ اي ۽ پاڻي وسيلن لاءِ فنڊ رکڻ جو ڳاڻيٽو گهٽ آهي، پاڻي وسيلن ۾ ڊيمن جي تعمير به شامل آهي. ان شرح سان فنڊ رکڻ سان وڏن ڊيمن جي تعمير 10 کان 15 سالن ۾ مڪمل ٿي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي، اسان کي پاڻي جي وسيلن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. توانائي پاڪستان جو اهم مسئلو آهي. مسلم ليگ (ن) گذريل حڪومت دور ۾ 12 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪئي، پر گذريل چئن سالن ۾ هن شعبي ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت ملڪ ۾ لوڊ شيڊنگ شروع ٿي چڪي آهي. هن توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن پي آءِ اي ، اسٽيل ملز ۽ خساري ۾ هلندڙ ادارن جي نجڪاري جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل شعبي کي جيتريون رعائتون ڏنيون ويون آهن، اهي رعائتون توانائي ۽ ٻين شعبن کي به ملڻ گهرجن. بحث ۾ حصو وٺندي پي پي پي جي شگفتا جماڻي چيو ته مشڪل اقتصادي حالتن م بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حقيقي آئيني، جمهوري ۽ سياسي جماعتن کي وڌڻ ويجهڻ ڏنو وڃي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها. هن چيو ته 11 سالن تائين نوجوان جي ذهن سازي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 مئي جو واقعو پيش آيو. هن چيو ته جنهن نسل کي گمراهه ڪيو ويو آهي ان کي رستي تي آڻڻ لاءِ به بجيٽ ۾ فنڊ رکڻ گهرجي، اسان جي معيشت ۾ جان آهي، ڏيوالي نڪرڻ جون ڳالهيون جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن انهن کي مايوس ٿيندي، نه نيشنل بئنڪ ڊفالٽ ٿي ۽ نه ئي بجيٽ جي منظوري لاءِ اسان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت پوندي. هن چيو ته سرڪاري ملازم حڪومت هلائڻ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. پگهارن ۾ واڌ سٺي ڳالهه آهي پر انهن جي لاءِ رهائش، ٻارن جي تعليم ۽ صحت لاءِ سهولتون پڻ ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. سنڌ ۾ 20 لک متاثر گهرن جي تعمير ٿيڻي آهي پر ان لاءِ بجيٽ ۾ ڪي به فنڊ نه رکيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button