اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف يونان ۾ مبينا طور ٻيڙي جي حادثي ۾ اجل جو شڪار ماڻهن جي واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي اعتراض واري نقطي تي چيو ته يونان ۾ ٻيڙي جي حادثي ۾ ڪيترائي پاڪستاني اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ هن وقت تائين، ڇا ڪيو ويو آهي، ان واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي. اسپيڪر چيو ته اهو افسوسناڪ واقعو آهي، انساني اسمگلنگ سنگين ڏوهه آهي، آئون چاهيان ٿو ته حڪومت نوٽيس وٺي ۽ ان ڪڌي ڪم ۾ ملوث عنصرن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close